شيخ ع  ق

شيخ ع ق

ع ق شيخ

ع ق شيخ : نامياري مصور، ڪهاڻيڪار ۽ تاريخدان ع. ق شيخ جو پورو نالو عبدالله ولد قادر بخش شيخ هو. سندس جنم 8 مارچ 1914ع تي ڳوٺ گڊڙو، ٿرپارڪر ۾ ٿيو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ ٽنڊي سومري ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊي الهيار مان پاس ڪئي. ڊرائنگ جي ٽريننگ 1938ع ڌاري بمبئيءَ جي سر جي. جي اسڪول آف آرٽ مان، بي. اي ۽ ايم. اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان، ايل. ايل. بي سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ۽ لائبرري سائنس ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين. ع. ق. شيخ، نامور مصور ۽ ڪهاڻيڪار طور شهرت ماڻي. مصوريءَ ۾ زندگيءَ جا حقيقي رنگ ڀريندڙ ۽ ڊزائينگ جا اعليٰ نقش ۽ نگار رنگن ۽ برشن وسيلي ڏئي وڏي مقبوليت ماڻيائين. سندس تصوير ڪشيءَ جون لياقتون ڏسي، ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولز ٿرپارڪر پاران کيس پنهنجي ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڊرائنگ ٽيچر مقرر ڪيو ويو. سندس والد پنهنجي وقت جو ناميارو استاد ۽ قابل حڪيم هو، جيڪو تعليم کاتي مان اعليٰ عهدي تان رٽائر ٿيو هو. ع. ق. شيخ ديني تعليم پنهنجي گهر ۾ حاصل ڪئي هئي. ايليمينٽري ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ رهڻ دوران هن پنهنجي تعليم کي وڌايو ۽ اليمينٽري ڪاليج حيدرآباد کي مصوريءَ جي هڪ اعليٰ تربيت گاهه بڻايو، جتان سنڌ جا ناميارا مصور: ظفر ڪاظمي، علي اڪبر سومرو ۽ فتاح هاليپوٽو (شرجيل) پڻ وٽائنس فيضياب ٿيا. ع. ق. شيخ نوڪري ۽ تعليم دوران پنهنجو علمي، ادبي مطالعو ۽ مشاهدو به جاري رکيو، جنهن ڪري آرٽسٽ سان گڏوگڏ بطور اديب به هن کي وڏي سڃاڻپ ملي. ع.ق شيخ جي ٺاهيل لاتعداد تصويرن کي سنڌ توڙي ٻاهر گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو. ع. ق شيخ کي سندس اعليٰ صلاحيتن جي بنياد تي نارمل ڊرائنگ ڪاليج مان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول ۾ رکيو ويو، جتي پڻ سندن خدمتون ساراهڻ جوڳيون رهيون. هو مصوريءَ واري شوق سبب 1942ع ۾ بمبئي ويو، پر ڏيڍ سال کانپوءِ پيءُ جي بيماريءَ جو ٻڌي سنڌ موٽي آيو. ع. ق شيخ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان مراد علي مرزا جي چوڻ تي گيتن ڀريون ڪهاڻيون لکي تمام گهڻي شهرت ماڻي. هن اٽڪل 25 سال انچارج آرٽ ٽيچر ٽريننگ سينٽر اينڊ آرٽ ٽيچر ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ هڪ آرٽسٽ طور ٻن سالن کان مٿي ڪم ڪيائين. سندس ڪتابن ۾ ’تاريخ اندلس‘، ’تاريخ اسلام‘، ’روح رهاڻ‘ ۽ ’کٿوري کيهه‘ ڇپيل آهن. سنڌ جي هن نامياري مصور، ڪهاڻيڪار ۽ تاريخ نويس، 65 ورهين جي ڄمار ۾، 15 آگسٽ 1991ع تي وفات ڪئي. سندس هڪ ڌيءَ نجمه شيخ اديبه آهي. شيخ اياز جي شاعريءَ جي مختلف ڪتابن جا ٽائيٽل ع. ق. شيخ جا ٺاهيل آهن. محمد ابراهيم جويي، شيخ اياز ۽ مراد علي مرزا سان سندس تمام گهاٽي دوستي هوندي هئس


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1914.03.08  عيسوي

نامياري مصور، ڪهاڻيڪار ۽ تاريخدان ع. ق شيخ جو پورو نالو عبدالله ولد قادر بخش شيخ هو. سندس جنم 8 مارچ 1914ع تي ڳوٺ گڊڙو، ٿرپارڪر ۾ ٿيو.


1991.08.15  عيسوي

عبدالله ولد قادر بخش شيخ 15 آگسٽ 1991ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

وينا شرنگي
علم الدين بلو
ضياء محي الدين
رند نواز علي خان
اياز شاهه
محمد وريل سومرو
سيد بايزيد
اڪبر بادشاهه
نرنجن دوداڻي ڊاڪٽر
عذرا سرور ڪنڌر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون